پٽاپٽي هاتار جي تصوير

پٽاپٽي هاتار جي تصوير

پٽاپٽي هاتار

پٽاپٽي هاتار، چراخ Stripped Hyena / Hyaena Hyaena: هي ڪُتي جهڙو دوناڙ رکندڙ جانور آهي، هن جو نسلي طرح ڪتي يا بگهڙ سان ڪوبه تعلق نه آهي، پر هن جي پيرن جا نشان لڳ ڀڳ انهن جهڙا ٿين ٿا. هي ٿڻائتن جانورن (مماليه) ۾ هڪ جدا ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. هاتار جي ڊيگهه هڪ ميٽر (ٽن فٽن کان مٿي) ٿيندي آهي، اُن جو پڇ ننڍو، اٺن انچن جو هوندو آهي، رنگ جو سرمائي يا ڀورو ناسي ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪارا پٽا هوندا آهن. هن جا ڪلها سگهارا ۽ ڪنڌ مضبوط ٿئي ٿو، هن جون پويون ٽنگون اڳين ٽنگن جي مقابلي ۾ ننڍيون، پر تمام مضبوط ٿين ٿيون، پٺي مٿي کان پڇ تائين لهواري ٿئي ٿي، جنهن تي ڪنڌ کان وٺي آخر تائين گهاٽيون بشڪون يا ٻُر هوندي آهي، هن جا ڪن وڏا ۽ اڀا ٿين ٿا، ڳچيءَ تي ڪارو ناسي پٽو، پٺيءَ کان پاسن تائين عمودي ۽ ٽنگن تي افقي پٽا هوندا آهن. هاتار/ چراخ ڏرڙن ۽ چرن ۾ رهندو آهي ۽ رات جو ٻاهر نڪرندو آهي، بنيادي طرح مُردار يا ڍونڍ خور جانور آهي، جيڪو ڍونڍ جي تلاش ۾ ڦرندو آهي. جانورن جو گوشت هڏي سميت ڪُرٽي کائي ويندو آهي. ڪتا، رڍون، ٻڪريون ۽ ڪڪڙ ماري کائيندو آهي، ڪوئا، ڪڇون، پالتو جانور ۽ ميوا به کائي ويندو آهي. جوڙو يا ڪٽنب ٺاهي رهندو آهي، هن جو ڪنڌ غير لچڪيدار آهي ۽ موڙي نه سگهندو آهي. اڪثر اڪيلو گهمندو رهندو آهي، خطرناڪ رولو جانور هئڻ ڪري ماڻهو ان کي ’ڏائڻ جو ڏاگهو‘ به چوندا آهن. چراخ جي مادي 84 ڏينهن پيٽ سان هوندي آهي ۽ هڪ کان پنج ٻچا ڄڻيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو